سيد قطب علي شاهه جھانيان

سيد قطب علي شاهه جھانيان

سيد قطب علي شاهه جھانيان جي مزار جو اندريون ڏيک

سيد قطب علي شاهه جھانيان جي مزار جو اندريون ڏيک

سيد قطب علي شاهه جھانيان

سيد قطب علي شاهه جھانيان: مشهور بزرگ سيد قطب علي شاهه، جهانيان خاندان جي اولاد مان هو. سندس جنم 21 رمضان 1229هه/ 6 سيپٽمبر 1814ع ۾ ٽنڊي جهانيان، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس والد فتح الدين شاهه دين درياهه هو ۽ ٽنڊي جهانيان ۾ رهندو هو. سيد قطب شاهه جهانيان جو حسب نسب امام نقي رضه سان ملي ٿو. مخدوم جلال الدين جهانيان ’جهان گشت‘ جي اولاد مان هو. ننڍي هوندي کان ئي وحدانيت ڏانهن مائل هو. روايت موجب شاهه صاحب 13 سال جي عمر جو هو ته پنهنجي سؤٽ غلام مرتضيٰ شاهه ۽ ٻين فقيرن غازي ڪليري ۽ ڀانڊي ڪليريءَ سان گڏجي ميٽ کاڻ ڏانهن ويو ۽ اتي ڪن مريدن جي گھر ۾ ترسيو، هڪ ڏينهن هٿ ڌوئيندي سندس هٿ مڇن کي وڃي لڳو. اهو ڏسي ته مڇون به اچي ويون آهن. پاڻ کي چوڻ لڳو ته تنهنجو والد اڃا ننڍو هو ته وڃي ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿيو هو. توکي حيف آهي، جو هيڏي عمر مفت وڃائي اٿئي. بس انهيءَ ڏينهن ڪپڙا لاهي غريبن کي ڏئي ڇڏيائين. اجرڪ کي ٻه اڌ ڪري هڪ لانگوٽ ٻَڌائين. هڪ اڌ ڪلهي تي رکي گنجي ٽڪر تي هليو ويو ۽ اتي وڃي ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿيو.
22 ڊسمبر 1910ع تي وفات ڪيائين. سندس درگاهه ٽنڊي جهانيان ۾ موجود آهي. هي سنڌ جي انهن روحاني بزرگن مان هو، جنهن جا هزارين سنڌي هندو توڙي مسلمان مريد آهن. اڄ به هندستان، آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آباد سندس عقيدتمند هر سال سندس درگاهه جي حاضري ڀرڻ ايندا آهن.


لفظ سيد قطب علي شاهه جھانيانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو